پڪ سرائون مقبرو

پڪ سرائون مقبرو: هي پڪ سرائون مقبرو، مڪلي قبرستان ۾، ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ اولهه ۾ آهي. احاطي جا بنياد پٿر جا آهن، جن جي ماپ 43.3 x 30.6 فوٽ آهي. ڀتيون تمام ٿلهيون 5.3 فوٽ آهن. ڏکڻ اوڀر جون ڪُنڊون ڀت جي ٻنهي پاسي نيري رنگ جون چمڪندڙ ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن، جيڪي ڦِٽي ويون آهن. ساڳئي نموني گهري نيري رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون ڏکڻ طرف ڀت تي لڳل آهن. احاطي کي اصل ٽي لنگهه آهن. هڪ اوڀر ۾، ٻيو ڏکڻ ۾، ۽ ٽيون اتر ۾، مقبري اندر ڪيتريون ئي قبرون آهن، جن مان ڪي ساديون ته ڪي سينگاريل آهن. ڪجهه قبرون ٿلهي تي پڻ آهن. انهن مان هڪ قبر مٿان ڪلنگو لڳل آهي. ڪلنگي جي مٿان هيري ڪڻيون اڪريل آهن. جيڪي الڳ الڳ خانن ۾ آهن. هر خاني ۾ الڳ کجيءَ جي وڻ جي اُڪر ٿيل آهي. قبر جي هڪ پاسي عربيءَ ۾ لکت آهي. پر ڪو به نالي وارو ڪتبو لڳل نه آهي. تنهنڪري ”پڪ سرائون مقبرو“ سڏيو وڃي ٿو. هن مقبري ۾ ڪير دفن آهي، ان جي ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو